پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت لاءِ سنڌ هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل

سکر: پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه پاران آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ بعد خورشيد شاهه ٻيهر ضمانت لاء درخواست سنڌهاء ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. وڪيل محفوظ اعواڻ جو چوڻ هو ته خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.