جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گرفتاري بعد گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي: جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گرفتاري بعد گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، صنعان قريشي جي ڀاءُ قوسين قريشي طرفان درخواست ۾ وفاق، سنڌ سرڪار، پوليس ۽ رينجرز کي ڌُر بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 7 جون تي صنعان قريشي کي گرفتار ڪيو ،اڃا تائين عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويو، صنعان قريشي جي جان کي خطرو آهي، عدالت کان صنعان جي بازيابي جو حڪم ڏيڻ جِي استدعا ڪئي وئي آھي.