وزيراعظم عمران خان ريلوي سيفٽي جي خرابين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان ريلوي سيفٽي جي خرابين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته گهوٽڪي ۾ اڄ صبح خوفناڪ ٽريس حادثي ۾ مسافرن جي موت ٿي وئي جنهن تي ڏاڍو ڏکايل آهيان، عمران خان ريلوي واري وزير اعظم سواتي کي حادثي واري هنڌ پهچڻ ۽ زخمين کي طبي امداد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ريلوي واري وزير کي فوت ٿي ويلن جي وارثن کي امداد ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.