بحريه ٽائون سمورا داخلي ۽ خارجي رستا بند ڪري ڇڏيا

ڪراچي: بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي رٿيل ڌرڻي سبب سيڪيورٽي صورتحال کي مد نظر رکندي سمورا داخلي ۽ خارجي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، بحريا ٽائون ڪراچي جي انتظاميا پاران رهواسين کي اطلاع ڪيو ويو آهي ته رڳو گيٽ نمبر 3 کان ئي اچ وڃ جو رستو کليل رهندو، رهواسين کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته گيٽ نمبر 3 تان اچي وڃي سگھندا پر پاڻ سان گڏ بحريا ٽائون ڪراچي جو رهائشي ڪارڊ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن کين ڪنهن پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي.