ملڪ ۾ ڪورونا جا قهر جاري، مرض ۾ وڌيڪ 83 ڄڻا فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ هڪ هزار 893 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 83ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويٺا، اين سي او سي موجب، گذريل 24ڪلاڪن دوران هڪ هزار 893 ڪيس رپورٽ ٿيا، اڄ وڌيڪ 83ڄڻا ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا، ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 21هزار 105 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مجموعي ڪيسن جو انگ 9لک28هزار 588 تائين وڃي پهتو آهي.