ڪراچي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ دوران فائرنگ، 7 ڄڻا زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي ڊفينس خيابان شجاعت جي ويجھو فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شھزاد، زاھد، فرحان، ادريس، اڪبر، شير خان ۽ قمبر شامل آھن، پوليس جو چوڻ آھي تھ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، فائرنگ ۾ 7 زخمي ٿي پيا آھن، پوليس موجب واقعو شوٽنگ دوران پيش آيو، فائرنگ سيڪيورٽي گارڊ ڪئي آھي، کيس گرفتار ڪيو ويو آھي.