ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، بيماري سبب 80 ماڻهو فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 80 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 20 هزار 930 ٿي ويو، وائرس جا 1 هزار 843 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن، متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 24 هزار 667 ٿي ويو، جڏهن ته ڪورونا جا 8 لک 48 هزار 685 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيسز جي مثبت شرح 3. 90 رهي.