سنڌ اسيمبلي ۾ ڪاروبار بند ڪرائڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ کان روڪڻ تي گوڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪاروبار بند ڪرائڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ کان روڪڻ تي گوڙ، پي ٽي آءِ ۽ متحده ميمبرز جي نعريبازي، اسپيڪر آغا سراج دُراني متحده ايم پي اي محمد حسين کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، متحده ايم پي اي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا ايس او پيز جي نالي تي ماڻهن کي بُک ماريو پيو وڃي، گوڙ ختم نه ٿيڻ تي اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو..