شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن کانپوءِ سکر پوليس بھ الرٽ، پڪٽون قائم

سکر: شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن کانپوءِ سکر پوليس بھ الرٽ ٿي وئي ، پنوعاقل جي ڪچي ۾ پڪٽون قائم ڪري ڇڏيون آھن، ايس ايس پي سکر عرفان سمون ۽ ڊي آئي جي فدا حسين مستوئي پاران گدپور ۽ سڌوجا جي ڪچي جو دورو ڪيو ويو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ آھي تھ سڌوجا ٿاڻي ۽ گدپور ٿاڻن جي پوليس کي الرٽ ڪيو ويو آھي ، ڏوھارين کي سکر جي حدن ۾ اچڻ نه ڏينداسين ان ڪري پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن، ڊي آئي جي سکر سان گڏجي ڪچي جي ٿاڻن جي دوري بعد پوليس کي الرٽ ڪيو ويو آھي.