پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 29 مئي تي طلب، پ پ اتحاد جي توهين جو ازالو ڪري: فضل الرحمان

اسلام آباد: پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس 29 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان ملاقات بعد پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اجلاس ۾ پ پ ۽ اي اين پي کي شرڪت جي دعوت ڏيڻ بابت ڪابه تجويز ناهي آئي، هن چيو ته پ پ ۽ اي اين پي جي اتحاد ۾ واپسي بابت اجلاس ۾ فيصلو ڪنداسين. انهن ٻنهي پارٽين کي چيو آهي ته توهان اتحد جي توهين ڪئي آهي، انهي توهين جو ازالو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پ پ قيادت ايتري ميچوئر ناهي جو سياستدانن جا پروٽوڪول فالو ڪري سگهي. پي ڊي ايم پنهنجي اصولن تي قائم آهي، حڪومت موجوده صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بي وس نظر اچي رهي آهي، هاڻي پي ڊي ايم کي عوامي طاقت سان وڌيڪ متحرڪ ڪنداسين، سمورين جماعتن سان مشاورت بعد گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو.