جتي شهباز شريف پاڻ موجوده هجي اتي منهنجي موجودگي ضروري ناهي: مريم نواز

اسلام آباد: نواز ليگ جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته جتي شهباز شريف پاڻ موجود هجي اتي منهنجي موجودگي ضروري ناهي. اسلام اباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم فيصلو ڪيو هو ته رمضان کانپوءِ گڏجاڻي ٿيندي جنهن ۾ آئنده جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي، اها گڏجاڻي اڄ سڀاڻ ۾ ٿي ويندي، جنهن ۾ فيصلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ ڪي به نمبرز نه گهرجن، اسان وٽ نمبر کان وڌيڪ ماڻهو آهن. پ پ جي پي ڊي ايم شموليت جي حوالي سان مريم نواز، شاهد خاقان عباسي جي موقف جي حمايت ڪئي، هن چيو ته شهباز شريف اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ ڊنر ڏنو، جيڪا بجيٽ سيشن جي پلاننگ هئي، جتي شهباز شريف پاڻ موجود هجي اتي منهنجي موجودگي ضروري ناهي.