رانا عديل تصور کي ڊي سي جي عھدي تان ھٽائي ڇڏيو: چيف سيڪريٽري سنڌ

سکر: اڳوڻي ڊي سي سکر رانا عديل تصور کي ھٽائڻ واري معامري تي چيف سيڪريٽري سنڌ پنهنجي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رانا عديل تصور کي ڊپٽي ڪمشنر جي عھدي تان ھٽايو ويو آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ڊي سي کي ھٽائڻ جي حوالي سان ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جي نمائندي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رانا عديل تصور کي ھٽائي نيو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آھي ۽ عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويو آھي، جنهن تي عدالت اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سکر طرفان داخل ڪرايل اپيل واري درخواست رد ڪري ڇڏي…