آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: اعجاز جکراڻي جي حفاظتي ضمانت ۾ 28 مئي تائين واڌ

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جيلن واري صلاحڪار اعجاز جکراني جي حفاظتي ضمانت ۾ 28 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت طرفان نيب اختيارين ۽ درخواستگذار جي وڪيلن کي ڪيس جي تياري جي هدايت، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته اعجاز جکراڻي خلاف اختيارن جي غلط استعمال بابت جاچ هلي رهي آهي..