ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 57 ماڻهو فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 57 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 20 هزار 308 ٿي ويو ۽ ڪورونا جا 3 هزار 60 نوان ڪيسز به رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي موجب هن وقت تائين متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 3 هزار 599 ٿي ويو، جڏهن ته 8 لک 20 هزار 374 ماڻهو صحتياب به ٿيا آهن، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ هن وقت تائين مجموعي طور تي 12 لک 86 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا وئڪسين به لڳائي وئي آهي…