اداڪارا زويا ناصر مذهب خاطر جرمن بلاگر سان مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو

ڪراچي : اداڪارا زويا ناصر تازو اسلام قبول ڪندڙ جرمن بلاگر ڪرسچين بيٽزمين سان مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو.
اداڪارا زويا ۽ جرمن بلاگر جي شادي جون تقريبون هلي رهيون هيون پر اوچتو زويا مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو.
هڪ انسٽاگرام پوسٽ ۾ اداڪارا لکيو ته ڪرسچين سان مان مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو آهي، منهنجي ملڪ، ثقافت، ماڻهن جي حوالي سان هن جي موقف ۾ ايندڙ اوچتي تبديلي ۽ منهنجي مذهب بابت بي حسي سبب مون کي اهو ڏکيو فيصلو ڪرڻو پيو.