اٺ سالن جي سائيڪلسٽ ٻارڙي اولمپڪ چيمپئن بڻجڻ لاءِ پرعزم

وينز ويلا جي 8سالن جي سائيڪلسٽ ٻارڙي اولمپڪ چيمپئن ٿيڻ لاءِ پرعزم آهي. ٽئين درجي جي شاگردياڻي ڪيمالا 3 سالن کان سائيڪلنگ ڪري رهي آهي ۽ وينز ويلا جي قومي بي ايم ايڪس فري اسٽائل چيمپئن شپ ۾ پهرين پوزيشن سميت 25 ميڊلز ۽ ٽرافيز کٽي چڪي آهي. ڪميلا آگسٽ ۾ نيدر لينڊ ۾ پاپينڊل بي ايم ايڪس ورلڊ چيمپئن شپ ۾ به شرڪت ڪندي. ڪميلا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان خواب پورا ڪرڻ گهرو ٿا ته ان لاءِ صبر ضروري آهي.