نيب ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل نيب، ڊي جي آپريشنز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. پڌرائيءَ موجب ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف انڪوائري شاهديون نه هجڻ تي بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.