رمضان جا آخري ڪجهه ڏينهن ۽ عيد سادگي ۽ احتياط سان ملهايو: اسد عمر

اسلام آباد: منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته رمضان المبارڪ جا آخري ڪجهه ڏينهن ۽ عيد سادگي ۽ احتياط سان ملهايو. اين سي او سي جي سربراهه وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته الله جي ڪرم ۽ بروقت فيصلن سان اسان جي ملڪ جون اُهي حالتون ناهن جيڪي پاڙيسري ملڪ جون آهن، رمضان المبارڪ جا آخري ڏينهن ۽ عيد سادگي ۽ احتياط سان ملهايو. اسد عمر وڌيڪ چيو ته اچو ته گڏجي ان اهم ترين وقت کي احتياط سان گذاريون.