عمران خان جي حڪومت هر شعبي ۾ نااهلي ۽ ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ ميڊيا جوڳلو دٻائي رکيو آهي:بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد صحافت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت هر شعبي ۾ پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامين کي لڪائڻ  خاطر ميڊيا جو گلو دٻائي رکيو آهي.

ميڊيا مٿان لاڳو ڪيل اعلانيل ۽ غير اعلانيل پابنديون ختم ڪيون وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت آزاد صحافت مٿان پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن. پاڪستان ۾ آزاد ميڊيا کي دٻائڻ قوم کي سخت نقصان پهچائڻ آهي. ڪيترن ئي غيرجانبدار صحافين ۽ اينڪرپرسن کي زبردستي ٽي وي اسڪرينن تان هٽايو ويو آهي. هاڻ اهي صحافي پنهنجي غير جانبدارانه تجزين ۽ تبصرن جو اظهار سوشل ميڊيا تي ڪندا آهن.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو  پنهنجي دور ۾ ڪاري قانون جو خاتمو ڪيو جيڪي ضياءُالحق صحافت تي لاڳو ڪيا هئا. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ آزاد ميڊيا کي دٻائڻ سان قوم کي سخت نقصان پهچندو آهي. اهو عمل عوام جي جائز ڪاوڙ ۽ مايوسي جي باهه تي وڌيڪ پيٽرول هارڻ جي برابر هوندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ميڊيا مٿان پابندين جي خلاف جدوجهد جاري رکندي.