سنڌ ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون، ڪاروباري مرڪز بند

ڪراچي :سنڌ ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون، ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ مارڪيٽس بند، مٺياڻي ۽ لاڪ ڊائون باوجود بازارون ۽ دڪان کُليل، واپارين ۽ شهرين ماسڪ توڙي سماجي وٿي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، باڊهه ۾ بازارن ۽ دڪانن تي شهرين جي رش، انتظاميا لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام، قمبر ۾ پوليس شاهي بازار، ريشم گهٽي ۽ سونارا بازار بند ڪرائي ڇڏيون، وفاقي گهرو کاتي سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري شهري علائقن ۾ يومِ علي جي جلوسن تي پابندي لڳائي ڇڏي، ايس او پيز تحت مجلسون ڪرڻ جي اجازت، پنجاب جي اوقاف کاتي مسجدن اندر اعتڪاف تي پابندي لڳائي ڇڏي.