ڳڻتي جوڳي ڪرونا مريضن جو انگ جون 2020ع جي ڀيٽ ۾ 57 سيڪڙو وڌيڪ آهي: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي ڳڻتي جوڳي مريضن جو انگ گذريل سال جون جي ڀيٽ ۾ 57 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ڳڻتي جوڳي ڪورونا مريضن جو انگ 5 هزار 360 ٿي ويو آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڳڻتي جوڳي مريضن جو انگ گذريل جون جي ڀيٽ ۾ 57 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سندس چوڻ هو ته الحمد الله، اڃا تائين ڪورونا جا ايترن گهڻن ڪيسن کي منظم طريقي سان اُڪلايو، هي سڀ هيلٿ سسٽم ۾ آڪسيجن جي پيداوار سان بيڊ تائين جو انگ وڌائڻ جي ڪري ممڪن ٿيو. هن ويڪ چي ته ڪيسن ۾ واڌ جاري آهي، اسان کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پونديون، ايس او پيز تي درآمد وقت جي اهم ضرورت آهي.