اين اي249ننڍي چونڊ: ڪنهن کي ڌانڌلي جو شڪ آهي ته شڪايت ڪري:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اين اي 249 جي ننڍي چونڊ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته شڪايت ڪري سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته ان کي قانون موجب ٻڌو ويندو، ترجمان اليڪشن ڪميشن چيو ته ڌانڌلي جو ڪو به ثبوت مليو ته سخت ايڪشن ورتو ويندو، سمورا فيصلا ميرٽ تي ڪيا ويندا، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٿيل اين اي 249 تي ٿيل ننڍي چونڊ جي نتيجن کي ن ليگ، پي ٽي آءِ، پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم رد ڪري ڇڏيو هو.