حڪومت جو 40 کان 49 سالن جي عمر تائين ماڻهن کي به ويڪسينيشن جو اعلان

اسلام آباد: اين سي او سي سربراهه اسد عمر 3 مئي کان 40 کان 49 سالن جي عمر تائين ماڻهن جي ويڪسينيشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر ٻڌايو ته ملڪ ۾ ٻئي ڏينهن به هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي، ويڪسين رجسٽريشن جي عمل ۾ تيزي آئي آهي، جيڪا حوصلو ڏيندڙ ڳالهه آهي. هن چيو ته3 مئي کان 40 کان 49 سالن جي عمر تائين ماڻهن جي ويڪسينيشن شروع ڪئي ويندي.