پي ڊي ايم جو سڀاڻي طلب ٿيل سربراهي اجلاس ملتوي

اسلام آباد: پي ڊي ايم جو سڀاڻي طلب ٿيل سربراهي اجلاس ملتوي، هاڻي اجلاس عيد کانپوءِ ٿيندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ بيڪ ڊور رابطا جاري هئا، مولانا فضل الرحمان طرفان نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي هڪٻئي خلاف بيانبازي نه ڪرڻ جي اپيل، عيد کانپوءِ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ پ پ ۽ اي اين پي طرفان به شرڪت جا امڪان آھن.