ڪراچي:اين اي 249 تي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، سامان پھچائڻ شروع

ڪراچي : اين اي 249 تي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، پولنگ جو سامان پهچائڻ جو عمل شروع ٿي ويو، تڪ تي 3لک 39 هزار 591 ووٽرز حق استعمال ڪندا،

276 پولنگ استيشن قائم ڪيون ويون، اليڪشن ڪميشن 92 پولنگ اسٽيشن کي حساس ۽ 184 کي انتهائي حساس قرار ڏئي ڇڏيو.

تڪ تي پيپلز پارٽي جو قادر مندوخيل، نون ليگ جو مفتاح اسماعيل، پي ايس پي جو مصطفيٰ ڪمال ٻيا اميدوار ميدان تي لٿل: گذريل ڏينهن بلديا ۾ پ پ ۽ پي ايس پي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽2 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، ٻنهي پارٽين طرفان هڪٻئي تي حملي جو الزام آھي.