جج قاضي فائز عيسيٰ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي:بلاول

ڪراچي : سپريم ڪورٽ جَي جج قاضي فائز عيسيٰ کي بليڪ ميل ۽ هراسان ڪرڻ وارِي حڪومت جِي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، حڪومت اصل ۾ عدليه تي حملي جِي ڪوشش ڪئي هئي،

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو صدر عارف علوي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته، صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ وفاقي وزير فروغ نسيم کي هٽائي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، جيڪو به عدليه تي حملي جِي سازش جو حصو بڻيو،

حڪومت جَي اُنهن ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي ۽ احتساب جِي شروعات وزيراعظم کان ٿيڻ گهرجي، جنهن سپريم ڪورٽ تي حملي جِي نيت سان ريفرنس اماڻيو،

صدر عدليه تي غير آئيني ۽ غير قانوني حملي ۾ وزيراعظم جَي ساٿي جو ڪردار ادا ڪيو، صدر پنهنجَي منصب تي رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي، فوري طور استعيفيٰ ڏِئَي.