سنڌ ڪابينا، ڪتن جِي وئڪسينيشن لاءِ 2ڪروڙ 40 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڇڏي

ڪراچي : سنڌ ڪابينا، ڪتن جِي وئڪسينيشن لاءِ 2ڪروڙ 40 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڇڏي، مڪاني ادارن وارو کاتو اِن رقم مان ڪتا پڪڙڻ لاءِ 60 گاڏيون خريد ڪندو، بلديات کاتي موجب رولو ڪتن کي وٽنري اسپتال آڻي وئڪسين لڳائي ويندي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪتن جي وئڪسينيشن لاءِ 2 ڪروڙ 40 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏھن تھ سنڌ ڪابينا، 184 ٽائون آفيسرز کي گريڊ 11 مان 16 هين ۾ ترقي ڏيڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، مڪاني ادارن کي سنڌ حڪومت جي پي رول تي آڻڻ لاءِ ميڪنيزم جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي، وڏي وزير چيو ته ميڪنيزم سان پگهارن جو مسئلو حل ٿي ويندو.