سنڌ ۾ شادي هالز،بزنس سينٽرز ۽ بيوٽي پالرز مڪمل بند،نوٽيفيڪيشن جاري

ڪراچي: گهرو وزارت ڪورونا ايس او پيز بابت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جيڪو 17 مئي تائين عمل جوڳو هوندو.

سنڌ جي گهرو کاتي جي حڪم نامي موجب شام جو 6 وڳي کان صبح جو سحري تائين سمورو ڪاروبار بند رهندو، سنڌ ۾جيلن جي قيدين جي پڻ ملاقات بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته خانگي توڙي سرڪاري تعليمي اداره بند ڪيا ويا آهن.

نوٽيفيڪيشن موجب ميرج هالز، بزنس سينٽرز، ايڪسپوهالز، مزارن، بيوٽي پارلرز، ٿيم پارڪس، اميوزمنٽ پارڪس ۽ سينيمائون مڪمل بند رهنديون جڏهن ته جمعي ۽ آچر تي ڪاروبار ۽ شاپنگ سينٽرز بند رهندا.

نوٽيفيڪيشن ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جي سرڪاري دفترن ۾ 20 سيڪڙو عملو صبح جو 9 کان 2 وڳي تائين ڊيوٽي تي موجود رهندو، وفاقي حڪومت ۽ خانگي ادارا صرف 50 سيڪڙو ملازم گهرائڻ جا پابند هوندا.

نوٽيفيڪيشن موجب سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي انٽرسٽي تي 30 اپيل کان پابندي هوندي جڏهن ته انٽرسٽي ٽرانسوپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافر کڻڻا پوندا ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو.

نوٽيفيڪشن موجب سنڌ جي اسپتالن ۾ ايڪٽو سرجري تي پابندي هوندي، تراويح جي اجتماعن ۽ يوم علي جا جلوس قومي اتفاق راءِ سان ٿيندا.