زمبابوي پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي

هراري: ميزبان زمبابوي پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي.
3 ٽي ٽوئنٽي ميچ جي سيريز جي ٻئين ميچ ۾ زمبابوي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 119 جو هدف ڏنو پر پاڪستان جي پوري ٽيم 19.5 اوورز ۾ 99 رنز ٺاهي ڍير پئي ۽ زمبابوي پاڪستان کي 19 رنز سان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم ٽاس کٽي زمبابوي کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي.