سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ملير ۽ ڪورنگي ۾ دل جي اسپتالن جي تعمير نه ٿيڻ تي نوٽيس

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊسٽرڪٽ ملير ۽ ڪورنگي ۾ دل جي اسپتالن جي تعمير نه ٿيڻ بابت ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري هيلٿ ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار جو موقف آهي ته ڪورنگي ايسٽ ۾ هڪ به دل جي اسپتال ناهي، جيڪڏهن علائقي ۾ ڪير بيمار ٿي وڃي ته ان کي جناح اسپتال کڻائي وڃڻو پوندو آهي.