ٽنڊو الهيار ۾ لاڪپ مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو، 5 اهلڪار معطل، 4 لاڪپ

ٽنڊوالهيار: پوليس لاڪپ مان ٽنگيل حالت ۾ هٿ آيل نوجوان جي لاش واري مامري جو ايس ايس پي نوٽيس وٺي لاڪپ انچارج علي حسن ڀرڳڙي، وڏي منشي يعقوب بجراڻي، ڪانسٽيبل عرفان ڪالرو، عرفان ڏاهري ۽ ڪانسٽيبل حاجي خان سميت 5 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري 4 ڄڻن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، معاملي جي جاچ لاءِ سي آءِ اي انچارج عثمان لغاري سميت 4 ايس ايچ اوز تي ٻڌل جاچ ٽيم به جوڙي وئي آهي. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار خانزادا برادري جي چڱن مڙسن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي پلهه سان ڳالهيون ڪري کين مطمئن ڪيو ۽ سڀاڻي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد نوجوان بابر خانزادي جو لاش روڊ تان هٽائي ڪيريا شاخ تان ڌرڻو ختم ڪيو ويو.