بلوچستان ۾ پهرين مئي تائين سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو

ڪوئيٽا: بلوچستان حڪومت سڄي صوبي ۾ پهرين مئي تائين اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بلوچستان حڪومت سڄي صوبي ۾ پهرين مئي تائين اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان حوالي سان بلوچستان جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ بلوچستان جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ سمورا دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز سحري کان شام 6 وڳي تائين کليل رهندا، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن سموريون ڪاروباري سرگرميون، دڪان، شاپنگ مالز، مارڪيٽون ۽ سموريون تقريبون (اِن ڊور ۽ آئوٽ ڊور) جي هر قسم جي اجتماعن تي پابندي هوندي جڏهن ته سينيما گهر به بند رهندا، پر ميڊيڪل اسٽورز، بلڊ بينڪ، اسپتال ۽ پيٽرول پمپ 24 ڪلاڪ کليل رکي سگهجن ٿا. نوٽيفڪيشن موجب صوبي جون سموريون هوٽلون ۽ ريسٽورنٽ رڳو ٽيڪ اوي سروس جي لاءِ لکيل رهندا، سمورا پارڪ مڪمل بند رهندا ۽ رڳو واڪنڪ يا ورزش ڪندڙن جي لاءِ اجازت هوندي، سمورين سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ ملازمن گهرن ۾ ئي 50 سيڪڙو ئي ڪم ڪندا.