سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي 11 کان 3 وڳي تائين بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي 11 کان 3 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي .

پي ٽي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا  پليٽ فارمز 11 کان 3 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي  ته بند ڪيل ايپس ۾ ٽوئيٽر، فيس بڪ ، واٽس ايپ، يوٽيوب، انسٽاگرام شامل آهن .

ٻئي پاسي سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز بند ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ فيس بڪ ، واٽس ايپ، انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر جي سروس بند ٿي وئي ، جنهن سان سوشل ميڊيا  واهپيدارن جي انهن سائٽس تائين پهچ ختم ٿي وئي آهي .