سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي بدستور پيهه برقرار، انتظاميا ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام

ڪراچي : سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي بدستور پيهه برقرار آهي ، انتظاميا ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي . حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، مديجي، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ سينٽرز ٻاهران وڏي انگ ۾ عورتون پهتل آهن ، وظيفي مان ڪٽوتي جون به شڪايتون ڪيون ويون، اڪثر عورتن جو چوڻ هو ته هتي انتظام بهتر نه آهن، رلايو پيو وڃي، سفارشن تي عورتن کي پئسا ڏنا پيا وڃن