وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ سنڌ پهچي رهيو آهي

ڪراچي: وزير اعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهچي رهيو آهي، دوري دوران هو سکر ۾ ڪامياب نوجوان پروگرام جو افتتاح ڪندو، وفاقي وزير فواد چوڌري موجب وزير اعظم سنڌ لاءِ 446 ارب رپين جي ميگا ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪندو، ترقياتي منصوبن ۾ 306 ڪلو ميٽر سکر-حيدرآباد موٽر وي به شامل، وزير اعظم سکر ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، ڪراچي ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزيرن سان ملاقاتون به رٿيل، صوبائي وزير ناصر شاهه وزير اعظم جي دوري کان اڻڄاڻ، ناصر شاهه چيو ته وزير اعظم سنڌ آيو ته سندس استقبال ڪنداسين.