پرڏيهي فنڊنگ ڪيس: اليڪشن ڪميشن دستاويزن جي فراهمي بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پرڏيهي فنڊنگ بابت دستاويزن جي فراهمي لاءِ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي عهديدار اڪبر ايس بابر جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن 6 اپريل تي ان درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان حڪم ڏنو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي ريگيولر ورڪنگ ڊيز ۾ صبح 10 کان منجهند 3 وڳي تائين ڪم ڪري، جڏهن ته ڌريون هڪ هڪ چارٽر اڪائونٽنٽ ۽ هڪ هڪ مالي ايڪسپرٽ ڪميٽي کي فراهم ڪن. اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي کي مئي جي آخر تائين ڪم مڪمل ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي.