سنڌ حڪومت پاران 250 ڊيزل هائيبرڊ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت 1.4 ملين ٽن ڪڻڪ خريدڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪري ڇڏيو. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. مقرر ٽارگيٽ موجب سنڌ حڪومت 1.4 ملين ٽن ڪڻڪ جي خريداري کي يقيني بڻائيندي، جنهن لاءِ پهرين اپريل کان ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ٻيا اهم فيصلا به ڪيا ويا، وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ڪابينا 250 ڊيزل هائيبرڊ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته پراجيڪٽ لاءِ 4 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. اليڪٽرڪ بسون ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ نواب شاهه ۾ هلايون وينديون. سنڌ ڪابينا سيلف ايمپلائمينٽ اسڪيم تحت بنا سود ننڍن قرضن جي فراهمي جي منظوري به ڏني، جنهن تحت 2.2 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا.