سنڌ حڪومت سيمي جمالي کي بورڊ آف گورنرز جي ميٽنگ ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي 3 وڏين اسپتالن بابت 2 هفتا گذرڻ باوجود سنڌ کي وفاق جواب نه ڏنو، صحت کاتي جناح اسپتال جي سربراهه ڊاڪٽر سيمي جمالي کي ورڊ آف گورنرز جي ميٽنگ ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو، وفاقي حڪومت پهرين اپريل تي سيمي جمالي کي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس ۾ گهرايو هو، صوبائي وزير عذرا پيچوهو بورڊ آف گورنرز کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو، اسپتالون وفاق حوالي ڪرڻ خلاف گرينڊ هيلٿ الائينس طرفان ڪم ڇڏ هڙتال: ڊاڪٽرز، نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل عملي او پيز ۽ آپريشن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت پنهنجن مفادن خاطر اسپتالن کي فٽبال بڻائي ڇڏيو آهي، اسپتالون فوري طور سنڌ حڪومت حوالي ڪري ملازمن جا پروموشن ڪيا وڃن….