پ پ پي ڊي ايم جي شوڪاز نوٽيس جو سخت جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي شوڪاز نوٽيس جو سخت جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سينئر اڳواڻن کي سخت جواب ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. شيري رحمان، راجه پرويز اشرف، فرحت الله بابر، نيئر بخاري سميت ٻيا شوڪاز نوٽيس جو جواب  تيار ڪندا. جواب تيار ڪري حتمي منظوري جي لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڏانهن اماڻيو ويندو.

پيپلز پارٽي شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ کان پوءِ مرڪزي مجلس عامله(سي اي سي) جو اجلاس به طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پيپلز پارٽي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ کان علاوه پي ڊي ايم جي اتحاد توڙڻ جي ڪوششن جو(ن) ليگ کي ذميوار ڪندي. واضح رهي ته پي ڊي ايم طرفان پيپلز پارٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.