حڪومت جو ڌيان مالي ۽ معاشي بهتري توڙي ٽيڪس وصولين تي آهي: حماد اظهر

اسلام آباد: ناڻي وزير حماد اظهر سان ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ناڻي وزير مالياتي ۽ قرضن جي مينيجمينٽ ۽ ٽيڪس سڌارن لاءِ ورلڊ بينڪ جي تعاون جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته سماجي ۽ معاشي ترقي جي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل لاءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستان کي مضبوط، پائيدار ۽ جامع ترقي جي حاصلات لاءِ ورلڊ بينڪ جي مسلسل حمايت اهم آهي، ناڻي وزير چيو ته حڪومت جو ڌيان مالي ۽ معاشي بهتري، ٽيڪس وصولين ۾ اضافي توڙي توانائي شعبي جي بهتري تي آهي، غربت جي خاتمي ۽ احساس پروگرام لاءِ ورلڊ بينڪ جي مالي مدد کي ساراهيون ٿا، ان موقعي تي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر حماد اظهر کي ناڻي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني.