ٻن رُپين جي کنڊ لاءِ ڪشمير تي سوديبازي ڪري دُنيا کي ڪهڙو پيغام ڏينداسين: شاهد خاقان

اسلام آباد: 2رُپين جي کنڊ لاءِ ڪشمير تي سوديبازي ڪري دُنيا کي ڪهڙو پيغام ڏينداسين، ملڪ ۾ اهڙا حڪمران مڙهيل آهن جو دُنيا کِلي رهي آهي، سڀ ڏسن ٿا ته پاڪستان ۾ ڇا پيو ٿئي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي طرفان حڪومت جي ڪشمير پاليسي تي ڇتي تنقيد، شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان سرڪس يا تماشي گاهه نه، پر 23 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهي، ملڪ کي تماشو لڳائيندڙ نٿا هلائي سگهن، سمري وزيراعظم ڏانهن اُماڻي وئي ته ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي اجازت ڏني وڃي، اي سي سي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا ۾ هڪ وزير چيو ته اهڙو فيصلو نه ڪريو، ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي ويندا، ٻڌايو وڃي ته اهي سڀ ڪم تڪڙ ۾ ڇو ڪيا ويا.