سپريم ڪورٽ اين اي 75ڊسڪا ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ اين اي 75ڊسڪا ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3رڪني بئنچ ڊسڪا ۾ ٻيهر چونڊ جي اليڪشن ڪميشن جي حڪم خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، 

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ميان عبدالرئوف دليل ڏيندي چيو ته آءِ جي پنجاب ۽ ٻين اختيارين فون نه ٻڌا، 13پولنگ اسٽينز تي پولنگ معطل رهي، فائرنگ جا واقعا پوري تڪ ۾ ٿيا، جسٽس عمر عطابنديال چيو ته عدالت کي پولنگ اسٽيشنز جي ڳڻپ نه ڪرڻي آهي،

قانوني نقطن تي ڳالهايو جيڪي ضروري نوعيت جا آهن، رڳو انهن دستاويزن تي ڳالهايو جن جي بنياد تي ڪميشن فيصلو ڏنو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عبدالرئوف چيو ته اليڪشن ڪميشڻ جي فيصلي ۾ ڌانڌلي جو ذڪر نه آهي، ڪميشن جو فيصلو قانون جي ڀڃڪڙين تي هو،

جسٽس عمرعطابنديال ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشڻ کي انتظاميا ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڏنو، تڪ ۾ حالتون خراب هيون اها حقيقت آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل شهزاد شوڪت موقف اختيار ڪيو ته پرزائڊنگ آفيسرن ڪير ڪٿي وٺي ويو هو،

گمشدگي جا ذميوار سامهون اچڻ گهرجن، آفيسرن کان جاچ ڪرڻ ضروري هو جيڪي نه ڪئي وئي، جسٽس منيب اختر سوال ڪيو ته چونڊ مواد دير سان ڇو پهتو؟ ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته گم پرزائيڊنگ آفيسرن جي پولنگ اسٽيشنز تي به رينجرز مقرر هئي، جسٽس عمرعطابنديال ريمارڪس ڏنا ته فائرنگ ۾ 2ڄڻا قتل ۽ هڪ زخمي ٿيو،

اليڪشن ڪميشن ڊسڪا ۾ مناسب قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهيو، پرزائيڊنگ آفيسرن کي جنهن به اغوا ڪيو ان چونڊ عمل جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون، نتيجا متاثر ٿين ته پولنگ ٻيهر ٿي سگهي ٿي، هڪ عمارت ۾ 10پولنگ اسٽيشنز به ڏيکاريون ويون آهن،

اليڪشن ڪميشن جي پنهنجي ڪاغذن ۾ اها تفصيل لکيل آهن، عدالت اين اي 75ڊسڪا ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جي خلاف پي ٽي آءِ جي علي اسجد ملهي جي اپيل رد ڪندي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو حڪم برقرار رکيو.