ڪراچي ۾ هيٽ ويو، گرمي پد41 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ڪراچي: ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ به گرمي جي شدت برقرار رهندي.  جڏهن ته گرمي پد 49 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

جڏهن ته 4 اپريل کان موسم ۾ بهتري ايندي. موسميات کاتي موجب ڇنڇر تي به ڪراچي جو گرمي پد 40 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ڪراچي شهر ۾ خشڪ ۽ آلوده هوائون هلي رهيون آهن ۽ هينئر تائين سامونڊي هوائون بحال نه ٿي سگهيون آهن جنهن سبب حبس جي فضا برقرار آهي. موسميات کاتي ٻڌايو ته جمعي جي صبح 10 وڳي گرمي پد 25 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.