سنڌ ڪابينا اسپيشل ڪورٽ فار ڪوآپريٽو قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ ڪابينا اسپيشل ڪورٽ فار ڪوآپريٽو قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري خصوصي عدالت قائم ڪئي ويندي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪابينا جي اجلاس دوران بجيٽ اسٽريٽجي پيپر جي به منظوري ڏني وئي، اسٽريٽجي پيپر تيار ڪرڻ جو مقصد حڪومتي پاليسيز، ترجيحن ۽ فنڊز جو ڪاٿو لڳايو ويندو، پيپر ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ جا منصوبا تجويز ڪيا ويندا، ڪابينا طرفان ڊائريڪٽوريٽ آف اربن پاليسي اينڊ اسٽريٽيجڪ پلاننگ يونٽ کي ترقي ۽ رٿابندي کاتي سان ڳنڍڻ جي به منظوري، هي آرگنائزيشن شهري رٿابندي ۽ ترقي لاءِ فني مدد مهيا ڪندي..