لاڙڪاڻي ڀرسان ڄاڃين جي بس ڪلٽي، 10 ڄڻا اجل جو شڪار، 100 کان وڌيڪ زخمي

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو ڀرسان مشوري شريف روڊ تي ڏهوٽ چوڪ وٽ ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڄاڃين جي بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، اطلاع تي پوليس ۽ رضاڪارن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنڀر برادري سان تعلق رکندڙ ڄاڃي مراد واهڻ کان لعلو رائنڪ ويندي حادثي جو شڪار ٿيا آهن……