چين کان خريديل ڪورونا ويڪسين جي پهرين کيپ اسلام آباد پهچي وئي

اسلام آباد: پاڪستان طرفان خريديل ڪورونا ويڪسين جي پهرين کيپ چين کان اسلام آباد پهچي وئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحت بابت وزير اعظم عمران خان جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته خريديل پهرين کيپ ۾ سائنو فارم ويڪسين جون 5 لک خوراڪون آهن، سڀاڻي وڌيڪ 5 لک خوراڪون پهچايون وينديون. چين کان گڏيل طور تي 15 لک 60 هزار ويڪسين پاڪستان پهچي چڪيون آهن جنهن مان 15لک ويڪسين چين طرفان امداد آئي آهي.