ڪورونا 78مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 4هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: عالمي وبا ڪورونا  وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 78 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 4 هزار 757 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب پاڪستان ۾ ڪورونا سسب فوتگين جو ڪل انگ 14 هزار 434 تائين چهچي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو انگ 6 لک 67 هزار 957 ٿي ويو آهي.

سموري ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 50 هزار 397 آهي ۽ 6 لک 3 هزار 126 ماڻهو ڪورونا کان صحتياب ٿيا.