شهرين جِي گمشدگي جو معاملو انتهائي حساس آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : شهرين جِي گمشدگي جو معاملو انتهائي حساس آهي، انساني حقن جِي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي پر ڪوبه ادارو سهڪار نه ڪري رهيو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جا شهري عادل ۽ ٻين جِي گمشدگي خلاف درخواست تي ريمارڪس: اسسٽنٽ اٽارني جنرل پاران جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٻيهر طلب، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪريو، ٻڌايو ته دفاع ۽ گهرو سيڪريٽريز کي طلب ڪيو هو، اُهي ڪٿي آهن، عدالت  ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جا تفصيل طلب ڪري ورتا، گهرو سيڪريٽري کي 20 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم: عدالت گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته شهرين جي گمشدي معاملي تي سنجيدگي نه ڏيکارڻ تي اٽارني جنرل آف پاڪستان کي طلب ڪنداسين.