ڊريپ روسي ويڪسين جي قيمت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان(ڊريپ) ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ روسي ويڪسين جي قيمت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب نجي ڪمپني طرفان گهرايل ڪورونا جي روسي ويڪسين اسپوٽنگ فائيو جي قيمت بابت ڊريپ جو هنگامي اجلاس ٿيو. ذريعن موجب ڊريب روسي ويڪسين اسپوٽنڪ 5 جي 2 خوراڪن جي قيمت 8 کان 9 هزار جي وچ ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ڊريپ جي اماڻيل سفارشن جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينه ڏيندي.ياد رهي ته ڪراچي جي هڪ فارماسوٽيڪل ڪمپني روس مان ڪورونا ويڪسين گهرائي هئي. ڀروسي جوڳن ذريعن ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو آهي ته روسي ويڪسين جي في الوقت قيمت مقرر ڪرڻ بابت باضابطه منظوري يا نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي پر ڊريپ ريٽل پرائس فڪس ڪرڻ جي سمري صحت واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.صحت واري وزارت سمري کي منظوري لاءِ ڪابينه ڏانهن اماڻيندي جتي منظوري جي صورت ۾ باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.