ڪورونا وبا ۾ شدت، مسلسل چوٿين ڏينهن 3 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر زور وٺندي پئي وڃي ۽ مسلسل چوٿين ڪورونا جا 3 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ اندر ڪورونا ڪيسن ۾ 3 هزار 667 جي واڌ ٿي، جڏهن ته 44 مريض لاڏاڻو پڻ ڪري ويا.

ائين ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثرن ٿيندرن جو ڪُل انگ 6 لک 26 هزار 802 تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته هيل تائين 13 هزار 843 مريض لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 هزار 92 مريض صحتياب ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو گڏيل انگ 5 لک 81 هزار 852 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ عالمي وبا سان متاثر 92.8 مريض هيل تائين صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 31 هزار 107 تي پهچي چڪو آهي.